SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي اخلاقيات


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي اخلاقيات

International Morality

انٽرنيشنل موريلٽي

هي تصور واضح ٿو ڪري ته بين الاقوامي لاڳاپن جو عمل، قومن جي وچ ۾ اهڙن گڏيل اخلاقي قدرن ۾ مڃيل اصولن مطابق ٿيڻ گهرجي، جيڪي ظاهر ۾ ڀلي ته بين الاقوامي قانون جو حصو نه هجن. عام طرح هي تصور بين الاقوامي سرشتن ۾ گهڻي عرصي کان تڪراري رهيو آهي ۽ عالمي سياست ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرمين کي اخلاقي ضابطن هيٺ رکڻ يا نه رکڻ جي حوالي سان وڏا بحث ٿيا آهن. هڪ پاسي سياسي حقيقت پسنديءَ (Political Realism) ۾ يقين رکندڙ حلقو، يورپي مفڪرن هابس ۽ ’ميڪا ويلي‘ کان متاثر ٿيندي چوي ٿو، ته اخلاقي قدر رياست جي اندروني معاملن تائين محدود آهن، ۽ بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان سياست ۾ اخلاقيات نالي ڪنهن شئي جو وجود ناهي. هن حلقي موجب هر رياست جي ترجيح قومي مفادن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري، ٻين قومن سان لاڳاپا رکندي، انصاف، آزادي، ۽ مساوات جون ڳالهيون ڪرڻ بيوقوفيءَ ڀريو عمل آهي. جديد دور ۾ اي ايڇ ڪار، مارگنٿا، آر ڊبليو ٽڪر ۽ هينري ڪسنجر هن موقف جا وڪيل آهن. سندن چوڻ موجب رياستي مفادن جي تڪميل لاءِ، ضابطي جو هجڻ ضروري آهي، ۽ انصاف جي تلاش ۾ وقت وڃائڻ سان، بي ضابطگي وڏي انتشار کي جنم ڏيندي. اهي دانشور سيڪيورٽي معاملن کي فلاحي قدمن مٿان ترجيح ڏين ٿا.
ان رويي جي مخالفت ۾ ”خيال پرست“ Idealists)) چون ٿا ته جيڪڏهن انسان ڪن اخلاقي معيارن مطابق زندگي گذارڻ ضروري ٿو سمجهي، ته پوءِ رياست کي به ائين ڪرڻو پوندو. سٺو رويو سٺائيءَ کي جنم ڏئي ٿو، تنهن ڪري بين الاقوامي برادريءَ ۾ صلح ۽ خير جي رويي سان رهڻو پوندو. هي حلقو انساني حقن جي احترام، عالمي انصاف جي حصول ۽ خود اختياريءَ وارن حقن جي حمايت ڪندي، انفرادي فائدي کي، اجتماعي چڱائيءَ تي قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. هن نظريي جي وڏن حامين ۾ جرمنيءَ جو ناميارو مفڪر ’امانوئيل ڪانٽ‘ ، آمريڪي صدر ’ووڊورو ولسن‘ ۽ دنيا جا ٻيا انسان دوست دانشور شامل آهن. هن حلقي جي خيال مطابق ،موجوده دور جو سياسي ۽ سماجي سرشتو نقصن سان ڀرپورآهي. ان ڪري جيڪڏهن دنيا ۾ امن سلامتي ڀائيچاري ۽ ماحولياتي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي ته پوءِ عالمي ٻڌي ۽ رٿابندي لازمي آهي هنن ٻنهي روين جي وچ تي ٻيا به ڪيترا ئي ننڍا وڏا ۽ نظريا آهن، جيڪي بين الاقوامي اخلاقيات بابت وضاحتون ڏين ٿا. جديد دور جا نظرياتي رويا دان مٿين ٻنهي نظرين جي انتها پسنديءَ کي رد ڪندي وچ واري واٽ وٺڻ جي حمايت ڪن ٿا. انهيءَ خيال جي وڪالت ڪندڙن موجب عالمي لاڳاپن ۾ مُلڪي سرحدن کان مٿانهين سطح جون ذميواريون ۽ حق بيشڪ موجود آهن ۽ انهن جو احترام به ضروري آهي، پر انهن حقن جي ساڀيا مروج سياسي نظام جي محتاج آهي. موجوده سياسي نظام ۾ اڃا تائين اهڙيون حالتون پيدا نه ٿي سگهيون آهن جو ذميواريون ۽ حقن جي تحفظ کي عملي طور ممڪن بنائي سگهجي. بيشڪ غربت، بک ، وسيلن جي کوٽ ۽ فطري الميا دنيا جا انتهائي اهم ۽ وڏا مسئلا آهن ، پر انهن جو حل گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ، يعني پنهنجي رياستي مُفادن کي نظر انداز ڪرڻ سان ممڪن نه آهي. دنيا ۾ ايثار ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي پر رياستي سرحدن جي سياسي اهميت، روايتي اخلاقي قدرن ۽ دوائن کان وڌيڪ اهم آهي، تنهنڪري ان کي نظرانداز ڪرڻ نهايت مشڪل آهي


Remember Me Also:

خيال پرست

ذ. صفت. خيالي ، وهمي ، خواب لهندڙ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal